رشيد بن زبير قاضي

رشيد بن زبير قاضي: مشهور سياح ۽ ليکڪ قاضي رشيد بن زبير جو واسطو مشهور حڪمران ’ابو ڪاليجار‘ جي درٻار سان هو، جنهن جي وفات کانپوءِ مصر جي فاطمي حڪمرانن وٽ ويو ۽ سموري زندگي اتي ئي بسر ڪيائين. رشيد بن زبير هڪ ڪتاب ’الذخائر‘ لکيو، جنهن ۾ مسلمان حڪمرانن جو ٻين ملڪن جي حڪمرانن سان تعلقات جو ذڪر آهي. ان سلسلي ۾ هن سنڌ ۽ هند جي مسلمان حڪمرانن جو احوال به ڏنو آهي. هيءُ ڪتاب 462هه/ 1069ع جي لڳ ڀڳ لکيو ويو، جيڪو ڊاڪٽر حميدالله ۽ ڊاڪٽر صلاح الدين ايڊٽ ڪري ڪويت مان شايع ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو